news-details
ڪراچي

ڪراچي جا اهي هنڌ جتي پاڪ ڀارت دنگل وڏين اسڪرينن تي ڏسي سگهبو

ڪراچي: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) دبئي ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ پنهنجي جوش سان جاري آهي جڏهن ته اڄ ٽورنامينٽ جو سڀني کان وڏو مقابلو روايتي مخالفن پاڪستان ۽ ڀارت ۾ ٿي رهيو آهي.
پاڪ ڀارت دنگل ڪجهه ڪلاڪن کان پوءِ شروع ٿيندو جنهن جي لاءِ ڪراچي جي ڪجهه هنڌن تي وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن ته جيئن ڪرڪيٽ جا شوقين هن دلچسپ مقابلي مان مزو ماڻي سگهن. ان حوالي سان ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر مرتضيٰ وهاب طرفان ٽوئٽر تي ان علائقن جو اعلان ڪيو ويو آهي جتي عوام هن مقابلي کي وڏي اسڪرينن تي ڏسي سگهندو.
ڪراچي ۾ جتي وڏيون اسڪرينون لڳايون ويون آهن انهن ۾ ڪلفٽن اربن فارسٽ(دعا چورنگي) مفتي رمضان پارڪ(نارٿ ناظم آباد) هل پارڪ، ايمپريس مارڪيٽ، معين اختر پارڪ(نارٿ ڪراچي) تعليمي باغ(فيڊرل بي ايريا) سفاري پارڪ، ماڊل پارڪ(ناظم آباد) شامل آهن.
ان حوالي سان مرتضيٰ وهاب پنهنجي ٽوئٽ ۾ قومي ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان جي ميچ کٽڻ جي به دعا ڪئي.