news-details
اسلام آباد

ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ حڪومت انتظاميه کي ڪنٽينر هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) پابندي مڙهيل تنظيم ٽي ايل پي سان ڳالهيون ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ پنجاب حڪومت انتظاميه کي ڪنٽينرز هٽائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. راولپنڊي، مري روڊ سميت سمورن روڊن تان ڪنٽينر هٽايا پيا وڃن.
رپورٽ موجب 2 ڪلاڪن ۾ راولپنڊي جو اسلام آباد سان رابطو بحال ٿي ويندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ڳري مشينري فيض آباد به طلب ڪئي وئي آهي. وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي سمورن روڊن کي به کوليو ويو آهي.
ان حوالي سان ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته فيض آباد کي به ڪجهه دير ۾ کوليو ويندو. هوڏانهن گهرو وفاقي وزير شيخ رشيد چيو ته پابندي مڙهيل تنظيم سان 8 ڪلاڪ تفصيلي ڳالهيون ڪيون آهن. اسان جي خواهش آهي ته امن امان جي صورتحال بهتر ڪئي وڃي.
شيخ رشيد چيو ته احتجاج هنن جو حق آهي پر هنن سان ٽڪراءُ نه ٿيڻ گهرجي. حڪومت جو ڪم آهي ته لچڪ ڏيکاري. رياست جو ڪم صلح جو رستو اختيار ڪرڻ آهي. رياست جو ڪم ڏنڊو هلائڻ ناهي پر ڳالهيون ڪرڻ آهي.