ڀارت ۾ مڙس اسمارٽ فون خريد ڪرڻ لاءِ زال کي وڪرو ڪري ڇڏيو

news-details

نئين دهلي: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) ڀارتي رياست اڙيسه سان تعلق رکندڙ 17 سالا مڙس اسمارٽ فون خريد ڪرڻ لاءِ پنهنجي زال کي 55 ساله شخص کي وڪرو ڪري ڇڏيو.
ڀارتي ميڊيا جي رپورٽن موجب پوليس هڪ 26 ساله عورت کي راجستان جي ضلعي باران مان بازياب ڪرايو ۽ ان جي مڙس کي شادي جي هڪ مهيني کان پوءِ زال کي هڪ پوڙهي شخص کي وڪرو ڪرڻ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ورتو. ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هلندڙ سال آگسٽ جي مهيني ۾ لاڳاپيل جوڙو سرن جي بٺي تي ڪم ڪرڻ لاءِ راجستان پهتو هو جتي 17 ساله نوجوان پنهنجي زال کي 55 ساله شخص کي هڪ لک 80 هزار ڀارتي روپين ۾ وڪرو ڪري ڇڏيو.
رپورٽ موجب مڙس زال کي وڪرو ڪرڻ کان پوءِ ملندڙ پئسن مان ماني کاڌي ۽ اسمارٽ فون خريد ڪيو. ڳوٺ واپسي تي جڏهن گهر وارن هن کان زال جي باري ۾ سوال ڪيو ته هن ٻڌايو ته زال مون کي ڇڏي هلي وئي.
ان حوالي سان ڀارتي پوليس جو چوڻ آهي ته اسان کي عورت کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ڪافي جدوجهد ڪرڻي پئي ڇو ته مقامي ماڻهو ان ڳالهه تي ضد ڪري رهيا هئا ته عورت جي قيمت ادا ڪئي وئي آهي ان ڪري ان کي ڳوٺ مان کڻي وڃڻ نه ڏينداسين.