news-details
اسلام آباد

هر پاڪستاني اڄوڪي ميچ لاءِ پرجوش آهي، انشاءَالله فتح جنون ۽ جذبي جي ٿيندي: فواد چوڌري

اسلام آباد: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري چيو آهي ته پاڪستان جو هر شهري پاڪ ڀارت ميچ جي لاءِ پرجوش آهي ۽ انشاءَالله فتح جنون ۽ جذبي جي ٿيندي.
پنهنجي ٽوئٽر پيغام ۾ فواد چوڌري وڌيڪ چيو آهي ته هو ميچ ڏسڻ لاءِ وڃڻ جي تياري ڪري رهيو آهي. اڄ پاڪستاني ٽيم جا جيڪي يارنهن رانديگر ميدان ۾ لهندا انهن وٽ پاڪستان جو نئون سپر اسٽار بنجڻ جو موقعو آهي.
هن چيو ته پاڪستان جو هر شهري هن ميچ جي لاءِ پرجوش آهي ۽ انشاءَالله پاڪستاني ٽيم ميچ کٽيندي. سموري قوم جون دعائون پاڪستاني رانديگرن سان گڏ آهن.