اسان جو اصل فائنل ميچ اڄ آهي، پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشون آهن: شيخ رشيد

news-details

اسلام آباد: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد به پاڪ ڀارت ميچ تي ڳالهائيندي چيو آهي ته پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم لاءِ کٽڻ جون دعائون ۽ نيڪ خواهشون آهن. اسان جو اصل فائنل ميچ ته اڄ آهي.
وفاقي گهرو وزير شيخ رشيد احمد پاڪ ڀارت ڪرڪيٽ مقابلي تي ڳالهيون ڪندي چيو ته اسان جون دعائون جوش، ولولو ۽ جذبو سڀ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم سان گڏ آهي. روايتي مخالف خلاف اڄوڪي ميچ ۾ دعا آهي ته رب پاڪ پاڪستاني ٽيم کي ڪاميابي ڏئي. سموري پاڪستاني قوم ٽيم لاءِ دعاگو آهي اصل فائنل ميچ ته اڄ آهي.
گهرو وزير وڌيڪ چيو ته ڀارت ۾ مسلمانن سان جهڙي طرح جو سلوڪ ٿي رهيو آهي ان سان پاڪستانين جي کٽڻ جو جذبو اڃان به وڌي ويو آهي. اڄ پاڪستاني ٽيم کي کٽڻ جي ولولو ۽ جوش ٻئي طرح جو آهي.
شيخ رشيد پنهنجي پسنديده رانديگر بابت سوال جو جواب ڏيندي چيو ته ڪو بابر اعظم جو نالو کڻندو ته ڪو وري ٻئي رانديگر جو پر مان هتي اهوئي چوندس ته سموري پاڪستاني قوم ڪرڪيٽ ٽيم جي پٺيان بيٺل آهي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي 20 ورلڊ ڪپ وڏو مقابلو اڄ ٿي رهيو آهي جنهن جي لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.