news-details
لاھور

ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو: شهباز شريف ۽ مريم نواز به پاڪستاني ٽيم جي کٽڻ لاءِ پراميد

لاهور: (آچر 24 آڪٽوبر 2021ع) پاڪ ڀارت وچ ۾ دبئي ۾ ٿيندڙ ٽي ٽوئنٽي مقابلي تي صدر مسلم ليگ(ن) شهباز شريف ۽ نائب صدر مريم نواز به پرجوش نظر اچي رهيا آهن. هنن به پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
دبئي ۾ ٿيندڙ ڪرڪيٽ جي وڏي دنگل تي ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته اڄ ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ وڏو ميچ ڏسڻ لاءِ ملندو. مان پاڪستاني ٽيم لاءِ دعاگو آهيان انشاءَالله پاڪستاني ٽيم هن دنگل ۾ ڪاميابي ماڻيندي.
جڏهن ته پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي نائب صدر مريم نواز به پاڪستاني ٽيم لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني ٽيم جڏهن ميدان ۾ لهندي ته سموري قوم جا دل هنن سان گڏ ڌڙڪندا. جڏهن ته اسان ڪرڪيٽ ميچ جي حوالي سان سٺي خبر جي انتظار ۾ آهيون. انشاءَالله پاڪستاني ٽيم قوم جي دعائن سان هن ميچ ۾ ڪاميابي ماڻيندي. منهنجون دعائون به پاڪستاني ٽيم سان گڏ آهن.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جو وڏو مقابلو اڄ ٿي رهيو آهي جنهن جي لاءِ ٻنهي ٽيمن وچ ۾ سخت مقابلي جي اميد ڪئي پئي وڃي.