جيڪب آباد ۾ ڳوٺاڻن جو ڪٽنب سميت احتجاج

news-details

جيڪب آباد (رپروٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد ويجهو ڳوٺ عمراڻي پور جي رھواسي ڳوٺاڻن محمد ابراهيم گولو، بوج خان گولو پنهنجي ڪٽنب سميت پريس ڪلب آڏو پھچي احتجاج ڪيو.
ان موقعي تي ڳوٺاڻن دانھيندي چيو ته اسان جي سؤٽ جھان خان جي فوت ٿيڻ بعد سندس نالي تي 20 ايڪڙ زمين جا کاتا مخالفن جي نالي تي ڪري ڇڏيا آهن، جنهن بعد ان زمين تي مخالف ڌر محمد انور گولو ۽ عبدالعزيز گولو قبضو ڪيون ويٺا آهن، اسان اھڙي جعلسازي خلاف آواز اٿاريو آهي ته مخالف ڌر وارن فوتي سؤٽ جھان خان جي پٽ نھال خان، راحب خان ۽ شربت گولو تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪرائي پوليس ھٿان کنڀائي گم ڪري ڇڏيو آهي، اسان اھڙي زيادتي خلاف ٻچن سوڌو احتجاج ڪرڻ تي مجبور ٿيا آهيون.
ھنن ڊي سي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو ته جعلسازي ذريعي اسان جي سؤٽ جھان خان جي زمين جا کاتا تبديل ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي، کنڀيل ٽن نوجوانن کي آزاد ڪري اسان کي پنهنجو حق ڏئي انصاف فراهم ڪيو وڃي.