news-details

جيڪب آباد ۾ پيپلز بيورو ليبر پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف احتجاجي مظاهرو

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي خلاف پيپلز ليبر بيورو پاران ھڪ احتجاجي جلوس ضلعي آفيس کان بهاول ڀٽو، عبدالستار مغيري، اصغر ڀٽو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪڍيو ويو جلوس ۾ وڏي انگ ۾ ڪارڪنن شرڪت ڪئي. مظاهرين جي ھٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ ھئا مظاھرين وڌندڙ مھانگائي خلاف وزيراعظم عمران خان جو علامتي جنازو کڻي مختلف رستن کان ٿيندي ڊي سي چوڪ تي پھچي ڌرڻو هنيو ويو، جنهن سبب ٿوري وقت لاءِ ٽريفڪ جي اچ وڃ معطل ٿي وئي.
ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مھانگائي سبب عوام پريشان حال آهي، وفاقي حڪومت جي ناقص پاليسين سبب عوام ٻه ويلا ماني کائڻ لاءِ سخت پريشان ٿي ويو آهي، عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافي عوام کي ذھني مريض بڻائي ڇڏيو، ھنن چيو ته وزيراعظم عمران ۽ تبديلي حڪومت کي فورن گهر ڀيڙو ڪيو وڃي، ملڪ کي ھلائڻ عمران جي وس جي ڳالهه ناهي، پيپلزپارٽي ھميشه غريبن جي حق بابت ڳالهه ڪندي رهي آهي ھاڻي عوامي مطالبو بڻجي ويو آهي ته فورن اليڪشن ڪرايو وڃي، جيئن بلاول ڀٽو زرداري وزيراعظم چونڊجي اچي غريب عوام جا مسئلا حل ڪندو.