news-details

جيڪب آباد چيمبر آف ڪامرس جو ايس ايس پي جي زيادتين خلاف احتجاج

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ھندو جنرل پنچائت جي صدر لعل چند سيتلاڻي ۽ سندس پٽ شيوا سيتلاڻي کي ڪوڙي ڪيس ۾ گرفتار ڪرائي تشدد بعد تذليل واري واقعي خلاف چيمبر آف ڪامرس جي سڏ تي پنجين ڏينهن تي واپارين، سياسي، سماجي ۽ سول سوسائٽي جي اڳواڻن چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ نديم قريشي، صرافه يونين صدر جمال الدين لکڻ، مزدور شھري اتحاد جي حاجي غلام نبي رند جي اڳواڻي ۾ احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو، مظاهرين صرافه چوڪ تي پھچي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، علامتي بک هڙتال ڪئي وئي، واپارين ايس ايس پي خلاف نعريبازي ڪئي. جڏهن ته پنج ڏينهن کان واپارين ۽ شھرين جي احتجاج جو ڪنهن به نوٽيس ناهي ورتو.
ان موقعي تي چيمبر آف ڪامرس جي صدر احمد علي بروهي، نديم احمد قريشي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته گذريل پنج ڏينهن کان جيڪب آباد جا واپاري ۽ شھري ايس ايس پي جيڪب آباد جي زيادتين خلاف احتجاج ڪري رهيا آهيون پر ان باوجود به احتجاج جو نوٽيس نه ورتو ويو آهي، ھنن چيو ته جيڪب آباد جا شھر واسي ايس ايس پي کان بيزار بڻجي ويا آهن.
ھنن سنڌ سرڪار، بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو ته اسان جي احتجاج جو نوٽيس وٺي، ايس ايس پي کي ھٽايو وڃي ۽ ايماندار آفيسر مقرر ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رکيو ويندو.