جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي ناڻي کاتي آفيس ۾ جي پي فنڊ جي ڪيس نه ھلائڻ تي پاپوليشن کاتي جي اڪائونٽنٽ علي نواز شاهه ۽ ناڻي کاتي جي آڊيٽر بدرالدين الرو ۾ منهن ماري بعد جھيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ آفيس اندر ھڪٻئي مٿان لتن ۽ مڪن جو وسڪارو لائي ڏنو، جھيڙي جي نتيجي ۾ آڊيٽر بدرالدين الرو جا ڪپڙا ليڙون ٿي پيا، آفيس ۾ موجود ماڻهن ٻنهي کي ڇڏائي ورتو، جنهن بعد بدرالدين الرو ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر وٽ دانھن کڻي پھتو ته پاپوليشن کاتي جي اڪائونٽنٽ حملو ڪري ڪپڙا ڦاڙي ڇڏيا آهن، ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ ليٽر ڏنو وڃي. اي ڊي او پاران لکت ۾ درخواست ڏيڻ لاءِ چيو ته ايف آئي آر لاءِ اي جي آفيس کان اجازت وٺڻو پوندو، جنهن بعد ناڻي کاتي جي آڊيٽر ۽ اڪائونٽنٽ پنهنجا لٺ بردار ماڻهو گهرائي ورتا، وڌيڪ جھيڙي ٿيڻ جي خدشي سبب آفيسر وچ ۾ پئي ٻنهي ڌرين جو ڳالھيون ٻڌي ڀاڪر پارائي کير کنڊ ڪري ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ پاپوليشن کاتي جي اڪائونٽنٽ علي نواز شاهه رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته منهنجو سؤٽ ارشاد شاهه تعليم کاتي ۾ ملازم هو جيڪو ھڪ سال اڳ رٽائرڊ ٿي ويو، ان جو جي پي فنڊ جو ڪيس سال کان وٺي آڊيٽر وٽ پيو آهي ھر ڀيري بھانا ڪري واپس ڪندو ھو ھن ڀيري مجبور ٿي ڪري رشوت جا پئسا به ڀري ڏنا آهن پر ان باوجود به پيرول ۾ ڪيس نه ڪيو ويو، اھڙي شڪايت ايڊيشنل اڪائونٽ آفيسر کي ڏنو ويو ته ھو آپي کان ٻاهر نڪري ڌمڪيون ڏيڻ لڳو، جنهن تي منهن ماري ٿي پئي آهي.