والاريل ڪشمير مٿان ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف سڄي دنيا ۾ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن

news-details

اسلام آباد: (اربع 27 آڪٽوبر 2021ع) والاريل ڪشمير مٿان ڀارت جي ظالماڻي قبضي جا 74 سال مڪمل ٿيڻ تي پاڪستان، آزاد ۽ والاريل ڪشميت سميت سموري دنيا ۾ ڪشميري اڄ ڪارو ڏينهن ملهائي رهيا آهن. لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي طرفن به ڀارت جي ناجائز قبضي خلاف اڄ ڪارو ڏينهن ملهايو پيو وڃي.
ڪاري ڏينهن جي موقعي تي والاريل وادي ۾ مڪمل هڙتال آهي ۽ ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف احتجاجي مظاهرا به ڪيا پيا وڃن.
صدر عارف علوي ڪاري ڏينهن تي پنهنجي جاري ڪيل پيغام ۾ چيو آهي ته 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت جمون ۽ ڪشمير مٿان غيرقانوني طور تي قبضو ڪيو. 7 ڏهاڪن ۾ ڀارت ڪشميري عوام کي بدترين رياستي دهستگردي جو نشانو بنايو پر ان جي باوجود ڪشميرين جون ڪوششون اڃان تائين جاري آهن.
ان موقعي تي وزيراعظم عمران خان پنهنجي پيغام ۾ چيو آهي ته ڀارت نام نهاد مقابلن ۾ ڪشميرين کي شهيد ڪري خوفناڪ ڏوهه ڪري رهيو آهي. گڏيل قومن جي ذميواري آهي ته هو مسئلي جي حل لاءِ پنهنجي قراردادن تي عمل ڪرائي.