لکي مروت ۾ پوليس وين مٿان فائرنگ سبب اي ايس آءِ سميت چار اهلڪار شهيد

news-details

لکي مروت: (اربع 27 آڪٽوبر 2021ع) لکي مروت ۾ پوليس موبائل مٿان فائرنگ جي نتيجي ۾ اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. لکي مروت ۾ صدر ٿاڻي پوليس اسٽيشن جي موبائل معمول جي گشت تي هئي ته وانڊا مير عالمي واري علائقي ۾ موبائل مٿان نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري ڏني.
پوليس موجب فائرنگ سب اي ايس آءِ سميت 4 اهلڪار شهيد ٿي ويا. جوابدار فائرنگ کان پوءِ موقعي تان فرار ٿي ويا. پوليس اختيارين ٻڌايو آهي ته شهيد اهلڪارن مان اي ايس آءِ يعقوب خان، ڪانسٽيبل، مستقيم، ڪانسٽيبل انعام ۽ ڊرائيور رحيم الله شامل آهن. فوت ٿي ويل اهلڪارن جا لاش ضابطي جي ڪارروائي کان پوءِ وارثن جي حوالي ڪيا ويا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي واري هنڌان شاهديون ۽ اکين ڏٺن شاهدن جا بيان رڪارڊ ڪيا ويا آهن. مختلف هنڌن تي ناڪابندي ڪري جوابدارن جي ڳولا جاري آهي.