ڪورونا وبا وگهي وڌيڪ تيرنهن مريض فوت، پنج سئو کان وڌيڪ نوان ڪيس رپورٽ

news-details

اسلام آباد: (اربع: 27 آڪٽوبر 2021ع) ڪورونا وبا وگهي فوتگين جو سلسلو جاري آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا آهن. پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 982 ٿي ويو آهي.
موذي وائرس جا حملا جاري آهن. سموري ملڪ ۾ وڌيڪ 13 مريض فوت ٿي ويا، جنهن کان پوءِ گڏيل فوتگين جو انگ 28 هزار 405 ٿي ويو آهي. پاڪستان ۾ ڪورونا هاڪاري ڪيسز جي شرح هڪ اعشاريه 3-4 رڪارڊ ڪئي وئي.
اين سي او سي موجب پاڪستان ۾ ايڪٽو ڪيسز جو انگ 23 هزار 982 ٿي ويو آهي. جڏهن ته گڏيل ڪيسز جو انگ 12 لک 70 هزار 322 تائين پهچي ويو آهي. گذريل 24 ڪلاڪن دوران 516 نوان ڪيس سامهون آيا. جڏهن ته 12 لک 17 هزار 935 ماڻهو ڪورونا مان صحتياب ٿي چڪا آهن.
سرڪاري انگن اکرن موجب پنجاب ۾ 4 لک 39 هزار 450، سنڌ ۾ 4 لک 68 هزار 401، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 77 هزار 646، اسلام آباد ۾ هڪ لک 6 هزار 777 ۽ بلوچستان ۾ 33 هزار 211 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. آزاد ڪشمير ۾ 34 هزار 450 ۽ گلگت بلتستان ۾ 10 هزار 387 مريض ڪورونا مان متاثر ٿيا آهن.