سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان سان گڏ رهيو آهي: وزيراعظم

news-details

اسلام آباد: (اربع: 27 آڪٽوبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو ٿورو ادا ڪيو. هن چيو ته سعودي عرب هميشه مشڪل وقت ۾ پاڪستان جي مدد ڪئي آهي.
وزيراعظم عمران خان پاڪستان کي 3 ارب ڊالرن جي مدد ڪرڻ تي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان جو ٿورو ادا ڪيو آهي. هن چيو ته سعودي عرب اسٽيٽ بينڪ ۾ 3 بلين دالر جمع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي. سڄي دنيا ۾ قيمتون وڌي رهيون آهن پر ان باوجود سعودي عرب پاڪستان جي مدد ڪئي.
وفاقي وزير فواد چوڌري به سعودي امداد کي خوشي جوڳو قدم قرار ڏنو. توانائي وزير وزير حماد اظهر چيو ته سعودي سهولت معيشت کي سهارو ڏيڻ ۾ مدد ڏيندي. واضح رهي ته سعودي ترقياتي فنڊ اسٽيٽ بينڪ 3 ارب ڊالر ڊپازٽ ڪندو ته جيئن محفوظ اثاثن ۽ ڪورونا کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پيش ايندڙ مسئلن کي حل ڪري سگهي.
سعودي عرب پاڪستان کي تيل جي خريداري لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ ڊالر هڪ سال جي دوران ڏيندو. سعودي ترقياتي فنڊ چيو آهي ته هي شاهي هدايتون پاڪستان جي معيشت کي مضبوط بنائڻ جي سلسلي ۾ سعودي عرب جي موقف پڪو ثبوت آهي.