news-details
نئون ڪوٽ

نئون ڪوٽ ۾ ريڙھي تي فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيت تي مبينا تشدد، ٽي ڄڻا گرفتار

نئون ڪوٽ (رپورٽ: پيار علي نهڙيو) نئون ڪوٽ جي بينظير چوڪ وٽ ريڙھي تي فروٽ وڪڻي گذارو ڪندڙ پورهيت عمران ڪنڀار تي سندس ئي ريڙهي تان هڪ ڏينهن اڳ خريد ڪيل ڏاڙھون واپس نه ڪرڻ تان شھري شاهد پٺاڻ ساٿين سميت فروٽ وڪرو ڪندڙ پورهيت تي مبينه تشدد ڪيو، جنهن تي شھرين وچم ۾ پئي جهيڙو ٽاريو.
ان سلسلي ۾ پورهيت عمران ڪنڀار ٻڌايو ته هڪ ڏينهن اڳ مون کان پٺاڻ برادري جو همراهه ڏاڙھون وٺي ويو، جيڪو اڄ شام ٽاڻي مون کي ڪچا ڏاڙھون هجڻ جو چئي واپس ڪرڻ لڳو، منهنجي انڪار ڪرڻ تي هن مون مٿان ٻن ساٿين سميت حملو ڪري تشدد ڪيو، جنهن جي رپورٽ نئون ڪوٽ پوليس اسٽيشن تي درج ڪرائي آھي.
هوڏانهن نئون ڪوٽ پوليس موجب اسان شاهد پٺاڻ سميت ٽن ڄڻن کي حراست ۾ ورتو آھي، فريادي ڌر ڪيس داخل ڪرائڻ لاءِ پهچندي ته ڪيس داخل ڪنداسون.