news-details
بدين

بدين: ضلعي انتظاميا پاران ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي، ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) سڄي ملڪ جيان ضلعي بدين ۾ پڻ ضلعي انتظاميا طرفان هر تعلقي ۾ ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي ۽ ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهايو ويو.
ان ڏس بدين اسسٽنٽ ڪمشنر بدين محمد يونس رند جي اڳواڻي ۾ ڊي سي آفيس کان سيشن ڪورٽ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ روينيو تعليم صحت پوليس لوڪل گورنمينٽ سميت سموري ضلعي جا آفيسر سرڪاري غيرسرڪاري تنظيمون اين جي اوز ميڊيا اقليتن سول سوسائتي ۽ زندگي جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ شهرين شرڪت ڪئي، جنهن کي خطاب ڪندي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد يونس رند چيو ته ڪشميرين جون دليون پاڪستان جي محبت سان سرشار آهن، ڀارتي ظلمن سان مظلوم ڪشميرين جا حوصلا گهٽائي نه ٿا سگهجن. ڪشمير پاڪستان جي ساهه جي رڳ آهي، جنهن تي ڀارت ناجائز قبضو ڪريو ويٺو آهي. هن چيو ته مودي سرڪار طرفان ڪشمير خاص آئيني حيثيت ختم ٿيڻ سان ڪشمير گذريل ٻن سالن کان دنيا سڀ کان وڏو جيل خانو بڻيل آهي.
ان موقعي تي خطاب ڪندي اين اسٽاپ آفيسر ڊاڪٽر ڪريم بخش گاڏاهي، اسسٽنٽ ڪمشنر گولاڙچي ڪاشف رضا منگي، اسسٽنٽ ڪمشنر ماتلي غلام نبي سولنگي، اسسٽنٽ ڪمشنر تلھار وجاھت غفور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر ٽنڊو باگو ثناءُ الله صدر چيو ته بدين جو عوام سول سوسائٽي مختلف کاتن جا ملازم ڪشميرين سان اظهار يڪجهتي طور ڀارتي قبضي خلاف ڪارو ڏينهن ملهائڻ لاءِ اڄ پنهنجن گهرن کان ٻاهر نڪري آيا آهن. هنن چيو ته ڪشمير ۾ انڊيا جو اصل چهرو پوري دنيا آڏو بي نقاب ٿي چڪو آهي، ڪشميرين تي ڀارتي فوج پاران جيڪو ظلم ٿي رهيو آهي، اها سراسر انساني حقوق جي لتاڙ آهي، هيومن رائٽس ڪميشن کي ان جو سختي سان نوٽيس وٺڻ گهرجي ريلي ۾ موجود زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شهرين ڪشميرين ۽ پاڪستان جي حق ۾ جڏهن مودي سرڪار ۽ انڊيا خلاف اڀ ڏاريندڙ نعرا هنيا ويا.
آخر ۾ ڪشميرين جي اخلاقي ۽ سفارتي مدد جو وچن ورجايو ويو، شريڪ ٿيندڙن عزم ورجايو ته هو ڪشميرين جي آزاديءَ تائين دنيا جي ضمير کي جهنجوڙيندا رهندا.
ان موقعي تي قرارداد پيش ڪندي اقوام متحده اسلامي ملڪن جي تنظيم او آءِ سي ۽ سڪيورٽي ڪائونسل کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪشميرين سان هندستان جو ظلم بند ڪرايو وڃي ۽ قابض فوج کي ڪشمير مان نيڪالي ڏئي کين حق خود اراديت جو موقعو ڏنو وڃي.