سون جي اگهه ۾ گهٽتائي، في تولي سون ست هزار اٺ سئو رپين گهٽجي ويو

news-details

ڪراچي: ملڪ ۾ مسلسل واڌ کانپوءِ اڄ سون جي قيمت ۾ وڏي پئماني تي گهٽتائي ٿي آهي.
سنڌ سونارا بازار ايسوسيئيشن موجب اڄ في تولي سون جي قيمت ۾ 7 هزار 800 رپين جي لاٿ ٿي آهي، ان کانپوءِ ان جي قيمت هڪ لک 24 هزار 200 رپيا ٿي وئي آهي.
اهڙي ريت 10 گرام سون جي قيمت 6 هزار 687 رپيا گهٽجڻ کانپوءِ هڪ لک 6 هزار 481 رپيا ٿي وئي آهي، جڏهن ته عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو قدر 15 ڊالر گهٽجڻ سان 1789 ڊالر في اونس آهي.