news-details
ممبٸي

ڪترينه ڪيف جي شادي جو هنڌ ۽ تاريخ سامهون اچي وئي

ممبئي: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) بالي ووڊ جي(بار بي ڊول) ڪترينه ڪيف جي ان جي ويجهي دوست وڪي ڪوشل سان شادي جو هنڌ ۽ تاريخ سامهون اچي وئي آهي.
اداڪاره ڪترينه ڪيف ۽ وڪي ڪوشل جي شادي بابت ڪيترائي ڀيرا افواهون هليون هيون جيڪي هاڻ ختم ٿي چڪيون آهن. هاڻ هڪ دفعو ٻيهر اهم خبر سامهون آئي آهي ته ڪترينه ڪيف ۽ وڪي ڪوشل هلندڙ سال جي آخر تائين شادي جي ٻنڌڻن ۾ ٻڌجي ويندا.
ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته هلندڙ سال ٻنهي جي شادي ڊسمبر جي پهرين هفتي ۾ طئي ٿي آهي ۽ شادي جي لاءِ(سڪس سينس فارٽ بروارا) کي چونڊ ڪيو ويو آهي جيڪو راجستان رياست جي شهر سوائي مادهوپور ۾ واقع آهي.
ياد رهي ته ان کان اڳ به ڪترينه ڪيف وڪي ڪوشل سان شادي جي خبرن بابت ترديد ڪري چڪي آهي پر هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته شادي جي هنڌ ۽ تاريخ سامهون اچڻ کان پوءِ ٻنهي طرفان ڪهڙو رد عمل سامهون ٿو اچي.