news-details
اسلام آباد

پابندي مڙهيل تنظيم پاران احتجاج، وزيراعظم قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو

اسلام آباد: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج کان پوءِ وزيراعظم عمران خان قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير فواد چوڌري سماجي رابطي جي ويب سائٽ ٽوئٽر تي لکيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي غيرقانوني سرگرمين سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي نظر ۾ رکندي وزيراعظم عمران خان سڀاڻي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي.
ٽوئٽر تي هن لکيو آهي ته ان اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت ٻيا معاملا به غور هيٺ ايندا. ياد رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج سبب جي ٽي روڊ ٻنهي طرفن کان بند آهي جڏهن ته ٽريفڪ جي روانگي به متاثر آهي. رينجرز ۽ پوليس سييڪيورٽي جون ذميواريون سنڀالي ورتيون آهن.