news-details
اسلام آباد

جهلم ۾ احتجاج: گاڏيون نه هلڻ سبب گهوٽ ڪلهي تي چڙهي ڪنوار وٺڻ پهچي ويو

اسلام آباد: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) جهلم ۾ پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج سبب جي ٽي روڊ بند پيل آهي جنهن سبب ڄڃ ڦاسي وئي.
رپورٽ موجب جهلم ۾ احتجاج سبب پل بند ٿيڻ جي ڪري ڄاڃي ڦاسي ويا پر گهوٽ ۽ ان جي ڀاءُ احتجاج کي شادي ۾ رنڊڪ وجهڻ نه ڏنو. گهوٽ جي ڀاءُ گهوٽ کي پنهنجي ڪلهن تي کنيو جنهن کان پوءِ ڄڃ پنڌ ئي ڪنوار وٺڻ لاءِ رواني ٿي وئي.
واضح رهي ته پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج سبب جي ٽي روڊ بند هجڻ سبب ٽرانسپورٽ جو هلڻ ناممڪن ٿي ويو آهي.