news-details
لاھور

شعيب اختر جاچ ڪميٽي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو

لاهور: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) پاڪستاني ڪرڪيت ٽيم جي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر پي ٽي وي اسپورٽس جي ٺاهيل جاچ ڪميٽي جي آڏو پيش ٿيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي.
جاچ ڪميٽي وفاقي وزير فواد چوڌري جي هدايتن تي قائم ڪئي وئي آهي. صحافين سان ڳالهيون ڪندي اڳوڻي فاسٽ بالر شعيب اختر چيو ته مون کي ڪميٽي جي سامهون پيش ٿيڻ جي لاءِ چيو ويو آهي پر مون انڪار ڪري ڇڏيو آهي ڇو ته ان واقعي جي پوري وڊيو موجود آهي جنهن کي ڏسي آساني سان فيصلو ڪري سگهجي ٿو.
شعيب اختر اهو به چيو ته منهنجي باري ۾ اهو چيو پيو وڃي ته مان پي ٽي وي سان ڪانٽريڪٽ هجڻ جي باوجود ٻين چينلز تي ويهي تبصرا ڪندو رهيو آهيان. هن چيو ته اهو ڌار معاملو آهي جنهن جو ان واقعي سان ڪو به تعلق نه آهي.
ياد رهي ته شعيب اختر سان ڪيل بدتميزي واري واقعي کان پوءِ چار رڪني ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي جنهن جو سربراهه پاڪستان ٽيليويزن جو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي ۽ ان ۾ ڊائريڪٽر نيوز، ڊائريڪٽر پروگرامز ۽ چيف هيومن رسورس آفيسر شامل آهن.