news-details
نئی دہلی

ممبئي هاءِ ڪورٽ شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت منظور ڪري ورتي

نئين دهلي: (خميس 28 آڪٽوبر 2021ع) ڀارتي اداڪار شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي ضمانت منظور ٿي وئي آهي.
ڀارتي ميڊيا موجب شاهه رخ خان جي پٽ آريان خان جي منشيات ڪيس ۾ گرفتاري جي 3 هفتن کان پوءِ ضمانت منظور ٿي آهي جڏهن ته ان ڪيس ۾ آريان خان جي 2 دوستن ارباز مرچنٽ ۽ مُنمن دميچا جي به ضمانت منظور ٿي وئي آهي.
بالي ووڊ اداڪار جي پٽ 23 ساله آريان خان جي ضمانت واري درخواست خصوصي عدالت طرفان 20 آڪٽوبر تي رد ڪئي وئي آهي جنهن کان پوءِ ان جي وڪيلن ممبئي هاءِ ڪورٽ ۾ ضمانت جي درخواست داخل ڪئي هئي.