news-details
اڳڙا

اڳڙا پوليس جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ چرس هٿ، جوابدار گرفتار

اڳڙا ( رپورٽ: غلام رسول ڪلھوڙو) سي آئي اي خيرپور پوليس ۽ اڳڙا پوليس جي گڏيل ڪارروائي ڪري خيرپور لاڙڪاڻو روڊ تي ڳجهي اطلاع تي وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي.
سي آئي اي انچارج گل محمد مهر ۽ الطاف ٿيٻو جي اڳواڻي ۾ پوليس ڪارروائي ڪري 270 ڪلو چرس پڪڙي هڪ جوابدار شڪارپور واسي علي خان جمالي کي ٽرڪ سميت گرفتار ڪري ورتو آھي.
جڏهن ته پوليس ڳجهي اطلاع تي ٽرڪ جي خفيا خاني مان چرس هٿ ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آھي ته گمبٽ جو منشيات فروش گروهه بلوچستان کان سنڌ ۾ منشيات جو ڪاروبار ۾ ملوث آهي. گرفتار جوابدار خلاف سرڪاري مدعيت ۾ ڪيس داخل ڪيو آهي، وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.