news-details
مبارڪپور

مبارڪپور: ميرپورٻرڙو ۾ ٻن پيرسن عورتن کي رولو ڪتن ڏاڙھي وڌو، ويڪسين اڻلڀ

مبارڪپور (رپورٽ: قربان مهر) ميرپورٻرڙو ڀرسان ڳوٺ محبوب چنو ۾ ٻن پيرسن عورتن لال خاتون زال نور محمد چنو ۽ رضيا زال سائينداد بمبل احساس پروگرام جو وظيفو وٺڻ لاءِ وڃي رھيو ھئو ته گھر ٻاھران بيٺل رولو ڪتن ٻنھي پيرسن عورتن کي ڏاڙھي زخمي ڪري وڌو، جنھن کي رورل ھيلٿ سينٽر ميرپورٻرڙو ويڪسين لاءِ آندو ويو پر بدقسمتي سان اسپتال ۾ ڪتي جي چڪ پائڻ جي ويڪسين نه ھجڻ جي ڪري مبارڪپور اسپتال موڪليو ويو.
جتي ڊيوٽي تي موجود ڊاڪٽر ٻنھي پيرسن عورتن کي فرسٽ ايڊ ڏيئي ويڪسين لاءِ جيڪب آباد ريفر ڪيو.