ٽنڊو محمد خان ۾ شاگرد سان اجتماعي زيادتي، هڪ جوابدار گرفتار

news-details

ٽنڊو محمد خان (رپورٽ: ذوالفقار چانڊيو) ٽنڊو محمد خان شهر جي علائقي شوڪت ڪالوني جي رهواسي 8 هين ڪلاس ۾ پڙهندڙ شاگرد 13 سالا ابراهيم آرائين سان 3 جوابدارن هر هڪ جاويد حاجاڻي، زاهد مڱهڻار ۽ مزمل پنجابي مبينه طور تي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، متاثر نينگر سٽي ٿاڻي تي پنهنجي پيءُ مزمل آرائين سان گڏ پهچي پوليس آڏو بيان ڏنو آهي ته گذريل ڏينهن منهنجو پيءُ دڪان جو سامان وٺڻ لاءِ ٻاهر ويل هو، پويان اسان جي دڪان تي ڪم ڪندڙ مزدورن مون کي ڪنهن بهاني سان وٺي وڃي زبردستي اجتماعي زيادتي جو نشانو بڻايو، هن چيو ته جوابدارن زيادتي دوران منهنجي وڊيو ٺاهي هئي، جيڪي بليڪ ميل ڪري رهيا آهن.
جڏهن ته سٽي ٿاڻي جي پوليس جو چوڻ ھو ته نينگر جو ميڊيڪل چيڪ اپ ڪرائڻ لاءِ اسان ليٽر ڏيئي سرڪاري اسپتال موڪليو آهي، جيئن ئي ميڊيڪل رپورٽ ايندي ته ڪيس داخل ڪيو ويندو، جڏھن ته پوليس هڪ جوابدار زاهد مڱڻهار کي گرفتار ڪري ورتو آهي باقي ٻين جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.