news-details

جيڪب آباد ويجهو ٻارڙو پاڻي جي کڏ ۾ ٻڏي فوت

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي آباد ٿاڻي جي حد ڳوٺ گهر پنهنجا ۾ گهر ٻاهران راند ڪندي ٽن ورهين جو ٻارڙو زين ڪوريجو پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي ويو.
جڏهن ته اطلاع تي وارث پھچي ٻار کي ڪڍي سول اسپتال آندو ويو جتي موجود ڊاڪٽر فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. جنهن بعد روڄ راڙو مچي ويو.
هوڏانهن نينگر جو مڙهه ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، وارث مڙهه کڻائي گهر پھتا ته گهر ۾ قھرام مچي ويو، جنهن سبب ڳوٺ جو ماحول سوڳوار ٿي ويو.