سپريم ڪورٽ تجوري هائٽس کي ڊاهڻ لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي

news-details

ڪراچي: (جمعو 29 آڪٽوبر 2021ع) سپريم ڪورٽ ريلوي جي زمين تي اڏيل بلڊنگ تجوري هائٽس کي ڊاهڻ جي لاءِ 4 هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ ريلوي جي زمين تي تعمير ٿيندڙ تجوري هائٽس بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ تجوري هائٽس بلڊر جو وڪيل رضا رباني عدالت ۾ پيش ٿيو.
رضا رباني عدالت کي ٻڌايو ته بلڊر تجوري هائٽس جي عمارت ڊاهڻ تي راضي نه آهي مناسب وقت ڏنو وڃي. ان تي چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ٻن هفتن جي مهلت ڏئي رهيا آهيون تجوري هائٽس کي ڊاهيو. ان تي رضا رباني چيو ته ٻن هفتن جو ٽائيم تمام گهٽ آهي. جنهن کان پوءِ عدالت تجوري هائٽس جي وڪيل جي استدعا تي بلڊنگ کي ڊاهڻ جي لاءِ چئن هفتن جي مهلت ڏئي ڇڏي ۽ متاثرين کي 3 مهينن ۾ رقم واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
عدالت چيو ته ڪمشنر ڪراچي ڊيموليشن جي عمل جي نگراني ڪري سمورو رڪارڊ درخواست ڏيندڙ جي حوالي ڪريو ۽ ان جي فهرست به ٺاهيو. جڏهن ته سامان جي فهرست ايندڙ ٻڌڻي تي رپورٽ سان گڏ پيش ڪئي وڃي.