دنيا ثقافتي ورثي جو تحفظ ڪري ٿي، اسان وٽ سار سنڀال نه لهڻ سبب تاريخي ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن : چيف جسٽس

news-details

ڪراچي:(جمعو 29 آڪٽوبر 2021ع) چيف جسٽس پاڪستان جسٽس گلزار احمد ثقافتي ورثي جي سار سنڀال نه لهڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ته سموري دنيا ثقافتي ورثن جو تحفظ ڪري ٿي پر اسان وٽ سار سنڀال نه لهڻ سبب تاريخي ماڳ تباهه ٿي رهيا آهن. مڪلي ۽ موهن جي دڙي تي ڪُتا گهمندا آهن، ماڻهو سرون به کڻي وڃن ٿا.
سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ هندو جيم خاني(ناپا) کي خالي ڪرائڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي جنهن سلسلي ۾ سيڪريٽري ڪلچر سنڌ، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻيون اختياريون عدالت ۾ پيش ٿيون. ٻڌڻي دوران سپريم ڪورٽ طرفان سنڌ جي سيڪريٽري ثقافت تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو ويو.
چيف جسٽس گلزار احمد سيڪريٽري ثقافت کي ڇنڊ پٽيندي چيو ته توهان وٽ ڪجهه به نه آهي، سنڌ اُهو بدقسمت صوبو آهي، جيڪو پنهنجي ثقافتي وِرثن جو به تحفظ نه ڪري سگهيو، ڪراچي ۾ به هر طرف مٽي ۽ گندگي سبب بدبوءَ آهي. عدالت چيو ته هر عبادت واري جڳهه جو احترام ڪريون ٿا. هندو جيم خاني جي ثقافتي حيثيت کي ڪوبه نقصان نه ٿيڻ گهرجي. هن عمارت کي اصل حالت ۾ بحال رکيو وڃي. ناپا کي هلائيندڙ به پڙهيل لکيل آهن. ثقافتي عمارت جو تحفظ يقيني بنايو وڃي.
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته ڪمشنر ڪراچي ڪٿي آهي؟ جنهن تي ڪمشنر عدالت ۾ پيش ٿيو. ان تي جسٽس گلزار ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان کي صبح جو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو هو اوهان ڇو نه پهتا. عدالت طرفان ڪاوڙ جي اظهار تي ڪمشنر ڪراچي معذرت ڪئي. چيف جسٽس پاڪستان چيو ته ڪراچي شهر ۾ برنس روڊ، پاڪستان چوڪ سميت ثقافتي عمارتن جي وڏي تعداد هئي. اهي ورثا ڪنهن ٻئي ملڪ ۾ هجن ها ته اتي جي سياحت ڪٿان کان ڪٿي پهچي وڃي ها. هينئر برنس روڊ تي وڃي ڏسو بيرٽيج بلڊنگ جو ڪهڙو حال ڪيو ويو آهي.
ڪراچي ڏسو، شهر ۾ هر طرف مٽي ۽ گندگي سبب بدبو اچي رهي آهي. سنڌ سيڪريٽريٽ جي پٺيان ڪيڏيون خوبصورت عمارتون هيون سڀ تباهه ڪيون ويون آهن. ٻڌڻي دوران سيڪريٽري ثقافت چيو ته بجيٽ ۾ ثقافت کاتي لاءِ وڏي رقم رکيل آهي جنهن تي چيف جسٽس چيو ته اها سموري رقم کاڄي ويندي آهي، ثقافتي ورثي کي بحال ڪرائڻ ويندئو ته پنڌ وڃڻ لاءِ به جاءِ نه هوندي، ٽرانسپورٽ سميت ڪابه شئي ناهي،
جسٽس اعجاز الاحسن ريمارڪس ڏيندي چيو ته رڳو گهڻ ماڙ عمارتون اڏي پئسو ٺاهيو پيو وڃي، هنن کي ثقافتي ورثي جي ڪابه پرواهه ناهي. شهرن ۾ هر طرف مٽي اڏامي رهي آهي گندگي جي ڍيرن سبب هر طرف بدبوءِ اچي رهي آهي.