وڏي وزير پاران نوٽيس وٺڻ کان پوءِ ڪوٽڙي جي مندر ۾ ٿيل چوري ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس داخل

news-details

ڪوٽڙي: (جمعو 29 آڪٽوبر 2021ع) ڪوٽڙي جي مندر مان مورتين جا هار چوري ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو ڪيس وڏي وزير جي نوٽيس وٺڻ کان پوءِ داخل ڪيو ويو آهي. پوليس جيوفينسنگ شروع ڪري ڇڏي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن.
تفصيل موجب ڪوٽڙي جي مندر مان مورتين جا هار چوري ٿيڻ ۽ ڀڃ ڊاهه جو وڏي وزير نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي. وڏي وزير جي هدايتن کان پوءِ شروعاتي طور تي ايف آءِ آر داخل ڪري جيوفينسنگ شروع ڪئي وئي آهي. سنڌ جي وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته گذريل رات چور مندر جي ڇت تان داخل ٿي مورتين جا هار چوري ڪيا، مورتيون شو ڪيس ۾ بند هيون جڏهن ته چوري ٿيندڙ 2 هار چاندي جا هئا.
وڏي وزير کي ڏنل بريفنگ موجب ٻنهي هارن جي ماليت 40 هزار روپيه ٻڌائي پئي وڃي. چور چندي جي پيٽي مان 20 هزار روپيه به چوري ڪيا. ان حوالي سان وڏي وزير چيو آهي ته ضلعي انتظاميه ۽ پوليس مندر انتظاميه کي ڪارروائي کان آگاهه ڪندي رهي. مندرن ۽ اقليتن جو خيال رکڻ اسان جي ذميواري آهي.