ميرپورماٿيلو: زمين جي تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، نو ڄڻا زخمي

news-details

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ: هادي بخس جلباڻي) داد لغاري ٿاڻي جي حد ميرپور ماٿيلو ڳوٺ الله بخش مهر ۾ زمين جي تڪرار تان مهر برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ ٻنهي ڌرين جا غلام قادر، قادر بخش، غلام حيدر، گاجي، عبدالطيف، کيئو، رضا محمد، نور محمد، علي گوھر 9 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته زخمين کي ميرپور ماٿيلو جي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال داخل ۾ ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن ٻئي ڌريون مورچا بند ٿي ويو آهي، اطلاع تي پوليس ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو.