عوام جي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي پيپلزپارٽي کي آهي: خورشيد شاهه

news-details

سکر: پيپلزپارٽي جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي مخالف ڌر اڳواڻ خورشيد شاهه چيو آهي ته عوام جي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي پيپلزپارٽي کي آهي.
سکر ۾ مهانگائي خلاف احتجاج ۾ مظاهرين کي خطاب ۾ خورشيد شاهه چيو ته شهيد ڀُٽو ۽ شهيد بينظير ڀُٽو عوام کي روزگار ڏنو، اڄ عوام بک مري رهي آهي، هن حڪومت ننڍا واعدا ڪري ڪمال ڪري ڇڏيو.
هن چيو ته عمران خان عام واهپي جي شين ۽ پيٽرول اگهن ۾ اگهه گهٽ ڪرڻ جو واعدو ڪيو هو، اڄ سڀ کان وڌيڪ عوام جي ڳڻتي ۽ درد پاڪستان پيپلزپارٽي کي ئي آهي.
پي پي اڳواڻ چيو ته عمران چئي ٿو ته هڪ ڊالر وڌي ته سمجهو حڪمران چور آهن، هاڻي ٻڌائي چور ڪير آهن، ايترا ڪوڙ هڻڻ تي وزيراعظم صادق ۽ امين نٿو ٿي سگهي.
هن چيو ته جيڪا پارٽي پنهنجا ڪيل واعدا پورا نه ڪري ان خلاف ايڪشن کڻڻ گهرجي، توهان منهنجو آواز بند ڪيو پر ٻيهر منهنجو آواز عوام جي نمائندگي ڪندو.