سانگهڙ ضلعي ۾ شازيه مري جي اڳواڻي ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ پيٽرول جي اگهن ۾ واڌ خلاف ريلي ڪڍي حڪومت خلاف احتجاج ڪيو ويو

news-details

سانگھڙ: پاڪستان پيپلزپارٽي جي ملڪ گير احتجاج جي سڏ تي سانگھڙ ضلعي ۾ پيپلزپارٽي پارليامينٽرينز جي مرڪزي اطلاعات سيڪريٽري ۽ ميمبر قومي اسيمبلي شازيه عطامري انوکو احتجاج ڪندي پنهنجي تڪ ٻيراڻي کان اُٺ گاڏيءَ ۾ چڙهندي ھزارين ماڻھن جي ريلي ۾ ٽنڊو آدم پريس ڪلب تائين پھتي. شازيه مري جي قافلي ۾ مختلف علائقن کان آيل ڪارڪنن جو ھڪ وڏو انگ اُٺن گاڏين ۾ سندس آباڻي ڳوٺ ٻيراڻي پهتو ۽ ريلي جي شڪل ۾ ٽنڊو آدم روانو ٿيو. پيپلزپارٽي ڪارڪنن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کنيا هئا، جن تي گو عمران گو، بجلي جي بلن ۾ واڌ نامنظور جادو سان ملڪ نه ھلندو ۽ لوڊشيڊنگ نامنظور جهڙا نعرا لکيل ھئا. مهانگائي، بيروزگاري ۽ غربت جي ذميوار حڪومت خلاف نعريبازي پڻ ڪئي وئي.
اٺن گاڏين جي ريلي دوران شازيه مري ميڊيا سان ڳالهائندي چيو ته نااهل حڪومت مهانگائي ڪري عام ماڻهو کي پٿر جي دور ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي، جڏهن ته نئين پاڪستان جي نالي تي عمران خان عوام کي مهانگائي، غربت ۽ بک ۾ مبتلا ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ ۾ نيازي حڪومت مهانگائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آهي. بجلي، گيس، پيٽرول ۽ کاڌ خوراڪ جون شين جي اڳھن ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته هاڻي عمران نيازي جي حڪومت کي گهر گهر وڃڻ گهرجي ۽ سانگهڙ شھر جا ماڻهو پنهنجي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي احتجاج جي سڏ تي اڄ روڊن تي حڪومت جي عوام دشمن پاليسين خلاف سراپا احتجاج آهن.
شازيه مري جي اڳواڻي ۾ ريلي جڏهن ٽنڊو آدم پھتي ته اتي ايم اين اي نويد ڏيرو، ضلعي صدر پ پ پ علي حسن هنڱورو، ايم پي اي شاهد خان ٿھيم، ايم پي اي ڄام شبير علي، پ پ اڳواڻن سرفراز راڄڙ ۽ جهانگير خان سميت ٻين به ساڻس گڏ شريڪ ھئا.
احتجاج جي جگھ تي خطاب ڪندي شازيا مري چيو ته هاڻ هن ظالم عمران نيازي جي حڪومت سامهون خاموش نه ٿو رهي سگهجي، ٽي سال گذرڻ کانپوءِ تبديلي جو نعرو لڳائيندڙ عمران خان اڄ ملڪ ۾ تباهي مچائي رهيو آهي، جنهن تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاران ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي، بيروزگاري، غربت، پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ واڌ خلاف احتجاج جي سڏ تي اڄ ملڪ گير احتجاج ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته حڪومت جي ٽن سالن دوران ڊالر جي قيمت ۾ 48 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. اڄ ملڪ ۾ گردشي قرض 2.37 کرب روپين تائين پهچي چڪو آهي، جيڪو هلندڙ سال جي آخر تائين 3 کرب روپين تائين پهچي ويندو. عمران نيازي چوندو هو ته ھو آءِ ايم ايف وٽ قرض وٺڻ لاءِ نه ويندو. جڏهن ته هو سعودي عرب کان ٽي ارب ڊالرن جو قرض وٺي انھي تي خوش ٿي رھيو آهي. اڄ ملڪ جو سڀ کان وڏو فقير عمران نيازي پاڻ آهي، الله اسان کي هن فرعون جي حڪومت کان ڇوٽڪارو ڏياري.
شازيه مري چيو ته اڄ اسان سانگهڙ ضلعي مان عمران خان نيازي کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته نيازي تنھنجي حڪومت جو ھاڻ وقت ختم ٿي چڪو آهي. ھن وڌيڪ چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عمران خان کي للڪاريو آهي ته جيڪڏهن ھو ملڪ اندر مھانگائي تي ضابطو پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ گھٽتائي ۽ عوام کي رليف نٿو ڏئي سگهي ته پوءِ ھو گهر ڀيڙو ٿي وڃي.