ڪراچي: نارٿ ناظم آباد سي اين جي اسٽيشن تي ڌماڪو، چار ڄڻا فوت، ڇهه ڄڻا زخمي

news-details

ڪراچي: ڪراچي جي علائقي نارٿ ناظم آباد ۾ عبدالله ڪاليج ويجهو سي اين جي اسٽيشن ۾ گيس ليڪيج جيڪري ڌماڪو ٿيو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ 4 ماڻهو فوت، جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
پوليس جو چوڻ آهي ته ڌماڪي جي نوعيت بابت ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي طلب ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي سينٽرل ملڪ مرتضيٰ جو چوڻ آهي ته ڌماڪو سي اين جي پمپ جي اليڪٽرڪ روم ۾ ٿيو، شروعاتي جاچ موجب ڌماڪو تخريبڪاري جو نٿو لڳي، ڌماڪي ۾ 4 ماڻهو مارجي ويا جڏهن ته 6 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
هن جو چوڻ هو ته جنهن ڪمري ۾ ڌماڪو ٿيو ان ۾ڪو به سلينڊر ناهي، لڳي ٿو ڌماڪو گيس ڀرجڻ جي ڪري ٿيو آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ جي رپورٽ جو انتظار آهي.