پير وسڻ: مهراڻ هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر، ٽي ڄڻا فوت، ڪيترائي زخمي

news-details

پيروسڻ(رپورٽ: ساقي نديم شر) پيروسڻ مھراڻ ھاء وي ملڪ چودڳي لڳ مسافر ڪوچ ۽ ٽريڪٽر ۾ زوردار ٽڪر، 3 ڄڻا فوت ڪيترائي زخمي، زخمين کي فوري طور علاج لاءِ رورل هيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ آندو ويو.
رپورٽ موجب پيروسڻ مھراڻ ھاءِ وي ملڪ چودڳي لڳ مسافر ڪوچ جو ٽريڪٽر سان آمھون سامھون زوردار ٽڪر ٿي پيو جنھن جي نتيجي۾ 7 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن جنھن ۾ مرد، عورتون ۽ ٻار شامل آهن جڏهن ته 3 ڄڻا ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا اھڙي اطلاع ملڻ بعد ميرواھ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي زخمين کي فوري علاج لاءِ نجي اسپتال منتقل ڪيو ۽ فوتين کي رورل ھيلٿ سينٽر ٺري ميرواھ کڻائي آئي۔
ٻئي طرف معلوم ٿيو آهي تہ مسافر ڪوچ سکر کان سانگهڙ وڃي رھي ھئي تہ اوچتو بريڪ فيل ٿيڻ سبب ٽريڪٽر سان ٽڪرائجي وئي جنهن سبب خوفناڪ حادثو پيش آيو واقعي جي وڌيڪ جاچ ھلي رھي آھي.