شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ ويهه نومبر تائين واڌ

news-details

لاهور: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) کنڊ انڪوائري، مني لانڊرنگ ڪيس ۾ شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪئي وئي آهي تفصيل موجب لاهور جي بينڪنگ ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي اپوزيشن اڳواڻ شهباز شريف ۽ پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ حمزه شهباز جي خلاف کنڊ انڪوائري، مني لانڊرنگ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. عدالتي حڪم تي شهباز ۽ حمزه عدالت ۾ پيش ٿيا. حمزه شهباز ۽ شهباز شريف عدالت کي آڏو حاضري مڪمل ڪرائي.
ان موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته اسان جي وڪيل امجد پرويز کي ڊينگي ٿي ويو آهي ڪيس ۾ صرف اڄوڪي تاريخ ڏني وڃي. ٻڌڻي دوران عدالت ايف اءِ اي کي ڪيس بابت رپورٽ پيش ڪرڻ جو چيو جنهن تي اختيارين عدالت کي ٻڌايو ته رپورٽ اڻ مڪمل آهي. عدالت ايف آءِ اي اختيارين کان پڇاڻو ڪيو ته ڪيس جاچ هاڻ ڪٿي پهتي آهي. اوهان کي عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو.
ايف اءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ايندڙ مهيني تائين رپورٽ جمع ڪرائي ڇڏينداسين. ان موقعي تي شهباز شريف جي وڪيل عدالت کي ٻڌايو ته جيڪڏهن عدالتي اختيار نٿو بڻجي ته ان جي مڪمل رپورٽ پيش ڪريو. اسان هر ان شيءَ کي نٿا مڃون جيڪا هن ڪورٽ جي اختيار ۾ نه آهي. عدالت جي ڪمري ۾ موجود شهباز شريف جج کي مخاطب ٿيندي چيو ته وڪيل سان ڳالهيون ٿيون آهن. اسان ان تي مڪمل دليل ڏيڻ چاهيون ٿا. امجد پرويز جي طبيعت صحيح هجي ها ته اسان دليل ضرور ڏيون ها. جنهن کان پوءِ عدالت شهباز شريف ۽ حمزه شهباز جي عبوري ضمانت ۾ 20 نومبر تائين واڌ ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي ايف اءِ اي کي عبوري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.