اين سي او سي سٺ سيڪڙو ويڪسينيشن وارن شهرن مان پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر(اين سي او سي) ڪورونا ويڪسينيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شهرن ۾ زندگي جا معاملا معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن جي تحت 60 سيڪڙو ويڪسينيشن وارن شهرن مان پابنديون ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
اين سي او سي جي سربراهه اسد عمر جي سربراهي ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ ۾ ڪورونا ۽ شهرن ۾ ويڪسينيشن جي صورتحال جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اين سي او سي طرفان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته ويڪسينيشن ۾ ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ شهرن ۾ زندگي جا معاملا معمول تي آڻڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
نوٽيفڪيشن موجب اسلام آباد، منڊي بهاءُالدين، گلگت ۽ ميرپور جي 60 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳائڻ تي بهترين شهر قرار ڏنو ويو آهي. جڏهن ته 40 کان 60 سيڪڙو آبادي کي ويڪسين لڳائڻ تي راولپنڊي، اسڪردو، هنزه، باغ، بهمبر، جهلم، پشاور، عذر ۽ کهرمنگ کي به ويڪسين ٿيل شهر قرار ڏنو ويو آهي.
ان کان علاوه ٻين شهرن ۾ 40 سيڪڙو آبادي جي گهٽ ويڪسينيشن سبب ويڪسين جي شرح گهٽ قرار ڏني وئي آهي.