پيٽروليم بحران: اوگرا ۽ توانائي واري وزارت جي آفيسرن سميت پنج ڄڻا گرفتار

news-details

لاهور: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) ايف آءِ اي پيٽروليم بحران تي ڪارروائي ڪندي 5 جوابدارن کي مني لانڊرنگ جي الزام ۾ گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ورتو آهي.
لاهور جي ايف آءِ اي ٽيم پيٽروليم مافيا، آئل مارڪيٽ ڪمپنيز، اوگرا، توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي خلاف گهيرو تنگ ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي. وفاقي سرڪار جي حڪمن تي پيٽروليم بحران جي جاچ کان پوءِ ايف آءِ اي لاهور فونسل انرجي ۽ عاسڪر آئل(پيٽروليم مارڪيٽنگ ڪمپنيز) جي مٿان ڪيس داخل ڪري ورتا آهن. ايف آءِ اي جي سي اي او فوسل انرجي نديم بٽ، اوگرا جي ميمبر عامر نسيم آئل ميمبر عبدالله ملڪ، توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم جي ڊي جي آئل شفيع الله آفريدي ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر آئل عمران ابڙو کي گرفتار ڪري ورتو آهي. انهن اوگرا جي آفيسرن غيرقانوني پيٽروليم مارڪيٽنگ لائسنس جاري ڪيا.
توانائي واري وزارت ۽ پيٽروليم ڊويزن جي آفيسرن ناجائز پيٽروليم امپورٽ ڪوٽه جاري ڪيو. پيٽروليم مارڪيٽنگ ڪمپينز اوگرا جي آشيرواد سان منظور ٿيل پيٽرول پمپ کان وڌيڪ غيرقانوني پيٽرول پمپن جو سڄي ملڪ ۾ ڄار وڇايو.
جوابدارن جي خلاف ملي ڀڳت سبب غيرقانوني پيٽروليم مارڪيٽنگ لائسنس، ناجائز پيٽروليم امپورٽ ڪوٽه ۽ غيرقانوني پيٽروليم امپورٽس جي خريد ۽ وڪرو سان قومي ناڻي کي اربين روپين جو نقصان پهچايو سندن مٿان اربين روپين جي ناجائز پئسن جي مني لانڊرنگ جو الزام آهي. ايف آءِ اي جوابدارن جو چئن ڏينهن جو جسماني رمانڊ به حاصل ڪري ورتو آهي.