وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ واري تجويز رد ڪري ڇڏي

news-details

اسلام آباد: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) وزيراعظم عمران خان پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته وزيراعظم عوامي ريليف جي لاءِ پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ جي تجويز کي رد ڪري ڇڏيو آهي. نوٽيفڪيشن موجب اوگرا پيٽروليم جي وڌندڙ عالمي قيمتن سبب قيمتون وڌائڻ جي تجويز ڏني هئي پر وزيراعظم تجويز ڪيل اضافو رد ڪري پيٽروليم شين جون قيمتون برقرار رکڻ جو حڪم ڏنو آهي.
نوٽيفڪيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته حڪومت عالمي سطح تي وڌندڙ مهانگائي جو بار منتقل ڪرڻ جي بجاءِ عوامي ريليف کي ترجيح ڏئي رهي آهي. ان ڪري اوگرا جي تجويز ڪيل تازي اضافي جي مد ۾ عوام تي وڌل بار کي حڪومت پاڻ برداشت ڪري رهي آهي.