پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون ئي مسئلي جو بهترين حل آهي: شهباز شريف

news-details

لاهور: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) مسلم ليگ(ن) جي صدر شهباز شريف چيو آهي ته پابندي مڙهيل تنظيم سان ڳالهيون ئي مسئلي جو بهترين حل آهي. لاهور جي عدالت ۾ پيشي دوران صحافين سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته جيڪو ڪيس نيب نه ٺاهيو اهوئي ايف آءِ اي ٺاهي ڇڏيو آهي. منهنجي خلاف ڪوڙ تي ٻڌل ڪيس ٺاهيا ويا آهن.
حڪمران اڄ تائين سياسي انتقامي ڪارروائين کان علاوه ڪجهه به ناهن ڪري سگهيا. انشاءَالله رب پاڪ اسان سان انصاف ضرور ڪندو. پابندي مڙهيل تنظيم جي احتجاج جي حوالي سان ڳالهيون ڪندي شهباز شريف چيو ته ڳالهيون ئي بهترين حل آهي. ايتريون جانيون ضايع ٿيون آهن. رب پاڪ پاڪستان کي پنهنجي حفظ امان ۾ قائم رکي.
هوڏانهن عدالت ۾ پيشي دوران شهباز شريف چيو ته هڪ سال ٿي ويو آهي ايف آءِ اي 2 ڀيرا انويسٽيگيشن جيل ۾ ڪئي پر هڪ ٽڪي جي ڪرپشن به ثابت ناهي ٿي. منهنجي پٽ کان به جيل ۾ ايف آءِ اي انويسٽيگيشن ڪئي آهي.