آمريڪا افغانستان جي لاءِ چوڏنهن ڪروڙ ڊالرن کان وڌيڪ امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

news-details

واشنگٽن: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) آمريڪا انساني همدردي جي بنياد تي افغانستان جي لاءِ تقريبن 14 ڪروڙ 40 لک ڊالر جي امداد ڏيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
قومي سلامتي ڪائونسل جي ترجمان ايملي هورن چيو آهي ته هي آمريڪي امداد هڪ ڪروڙ 84 لک کان وڌيڪ متاثر افغانين ۾ سڌو سنئون ورهائي ويندي. هن ٻڌايو ته ان متاثر ماڻهن ۾ پاڙيسري ملڪن ۾ موجود افغان پناهگير به شامل آهن. هن ڪم ۾ آزادانه طور تي ڪم ڪندڙ تنظيمن جي مدد حاصل ڪئي ويندي.
هن اضافي امداد کان پوءِ سال 2021ع جي دوران آمريڪا طرفان افغانستان کي هينئر تائين گڏيل طور تي تقريبن 47 ڪروڙ 40 لک ڊالر ڏنا ويا آهن جيڪي ڪنهن به ملڪ طرفان ڏنل سڀني کان وڏي امداد آهي. امداد مان عارضي پناهه گاهون، روزگار جي وسيلن جي فراهمي، صحت جي سار سنڀال، ٿڌي موسم کان تحفظ، خوراڪ جي هنگامي امداد، پاڻي، طبي سهولتون ڏنيون وينديون.
گڏيل قومن جي تنظيمن خبردار ڪيو آهي ته افغانستان ۾ بنيادي انساني ضرورتن جي کوٽ وڌيڪ وڌندي پئي وڃي. افغانستان جي چار ڪروڙ آبادي جو اڌ حصو يعني 2 ڪروڙ 28 لک افغان شهرين کي نومبرکان خوراڪ جي سخت کوٽ پيدا ٿيندي.
رپورٽ موجب گڏيل طور تي هن سال جي آخر تائين پنجن سالن کان ننڍي عمر جي 30 لک 20 هزار ٻارن کي غذائي کوٽ کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.