سعودي عرب لبنان جي سفيرکي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

رياض: (ڇنڇر 30 آڪٽوبر 2021ع) سعودي عرب لبنان مان مختلف شيون گهرائڻ تي پابندي هڻندي سفير کي به ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب سعودي عرب هلندڙ هفتي دوران لبنان جي اطلاعات واري وزير جي ان وڊيو تي سخت رد عمل جو اظهار ڪيو آهي جنهن ۾ لبناني وزير يمن جي معاملي تي سعودي عرب جي سربراهي ۾ قائم اتحاد تي تنقيد ڪئي.
ميڊيا رپورٽن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته سعودي عرب لبنان جي سمورين شين مٿان پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سان گڏ ئي سعودي عرب ۾ لبناني سفير کي 48 ڪلاڪن ۾ ملڪ ڇڏڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. ان کان علاوه سعودي حڪومت لبنان مان شهرين جي ملڪ ۾ اچڻ تي به پابندي لاڳو ڪري ڇڏي ۽ لبنان مان پنهنجي سفير کي به واپس گهرائي ورتو آهي. سعودي عرب طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته حڪومت کي لبناني اختيارين طرفان حقيقتن کي نظر انداز ڪرڻ ۽ صحيح قدم کڻڻ ۾ لاڳيتو ناڪامي سبب لبنان سان لاڳاپن ۾ سامهون ايندڙِ نتيجن تي ڏک پهتو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب سعودي عرب کان پوءِ بحرين به ان معاملي تي ٻن ڏينهن ۾ لبناني سفير کي ملڪ ڇڏڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن جي تصديق بحرين جي پرڏيهي وزارت طرفان ڪئي وئي آهي.