بدين: احساس ڪفالت سينٽر تي ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن خلاف پوليس جون ڪارروايون، ٽي ڄڻا گرفتار

news-details

بدين (رپورٽ: تنوير احمد) احساس ڪفالت پروگرام جي قسط شروع ٿيڻ بعد ضلعي جي 15 ٿاڻن جي حدن اندر قائم 20 کان مٿي احساس ڪفالت سينٽرن تي غريب مستحق عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيز هولڊرن خلاف عوامي شڪايتن تي ايس ايس پي شاهنواز چاچڙ طرفان نوٽيس وٺڻ بعد ناجائز ڪٽوتي ڪندڙ ڊوائيس هولڊرن خلاف پوليس جون ڪارروايون جاري آھن.
ان ڏس ۾ گڏ ڪيل ڄاڻ موجب بدين جي پوليٽيڪنيڪل ڪالج ۾ قائم احساس ڪفالت سينٽرن ۾ شهر جي وارڊ 4 ملاح پاڙي جي رهواسي عورت مسمات ليلان زال غلام قادر ملاح جي 12 هزار رقم مان 500 ڪٽڻ واري عورت جي شڪائت تي ڊوائيس هولڊر ظفر راهمون کي گرفتار ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدار ظفر راهمون تي سرڪار طرفان اي ايس آئي ربڏنو شاهه جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪئي وئي آهي، جڏهن ته گولاڙچي جي احساس ڪفالت سينٽر تي شاهد الرحمان شيخ کي ناجائز ڪٽوتي جي الزام ۾ گرفتار ڪري سندس قبضي مان 11 ھزار روڪ رقم هڪ ڊوائيس هٿ ڪري ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب کوسڪي سينٽر تان پڻ هڪ ڊوائيس هولڊر اصغر ملاح کي عورتن جي رقم مان ڪٽوتي ڪٽوتي ڪرڻ جي شڪائت بعد گرفتار مٿس ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.