جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) 6 ڏينهن اڳ ڳڙهي حسن سرڪي ۾ قتل ٿي ويل نوجوان فرحان سرڪي جي امڙ سڪينا، ڀيڻ مسمات حسينا، مسمات پٺاڻي، اسلام الدين سرڪي جي اڳواڻي ۾ وارثن پاڪ ڪتاب کڻي احتجاجي جلوس ڪڍيو ويو.
مظاهرين ايس ايس پي جيڪب آباد جي آفيس آڏو انساني زنجير ٺاهي روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي، مقتول جي وارثن ايس ايڇ او ڳڙهي حسن خلاف سخت نعريبازي ڪئي.
ان موقعي تي مقتول جي وارثن دانھيندي چيو ته نوجوان کي 6 ڏينهن اڳ بلاجواز بيدرديءَ سان قتل ڪيو ويو آهي، ايترا ڏينهن گذرڻ باوجود مک جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيا آهن، گرفتار ٿيل ھڪ جوابدار کي پوليس پاران سھولتون مليل آهن، مقتول نوجوان جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لڳل ڌرڻي واري هنڌ ڊي ايس پي ھيڊڪوارٽر شاھزمان ڏھر پھچي مظاهرين سان ڳالھيون ڪري يقين ڌياني ڪرايو ته جلد سڀني قاتلن کي گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو ويندو. اھڙي يقين ڌياني بعد مظاھرين لڳل ڌرڻو ختم ڪري ڇڏيو.