جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ رت نه ملڻ سبب ٿيلسميا جي مريض نينگري تڙپي فوت

news-details

جيڪب آباد (رپورٽ: عبدالنبي مگسي) جيڪب آباد جي جمس اسپتال ۾ ڊيرا مراد جمالي جي ڳوٺ عبدالصمد لھڙي واسي قمر الدين منجهو پنهنجي 5 ورھين جي نياڻي حوران کي رت لڳرائڻ لاءِ کڻائي آيو، اسپتال انتظاميا جي بروقت رت نه لڳائڻ سبب نينگري حوران تڙپي تڙپي فوت ٿي وئي، نينگري جي وارث غريب ھئڻ سبب لاش کڻائي وڃڻ لاءِ اسپتال انتظاميا کان ايمبولنس جي گهر ڪئي، انتظاميا ايمبولنس ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو، جنهن سبب وارث نينگريءَ جو لاش کڻائي وڃڻ لاءِ پئسا نه هئڻ سبب بي يارو مددگار ويٺل هئا تي جيڪب آباد جي سماجي اڳواڻ حاجي شير محمد مغيري پاران لاش کڻائي وڃڻ لاءِ ايمبولنس ڪرائي ڏنو ويو.
ان سلسلي ۾ فوت ٿيل نينگري جي پيءُ قمر الدين منجهو ميڊيا آڏو دانهيندي ٻڌايو ته ڌيءَ کي ٿيلسميا مرض سبب رت لڳرائڻ لاءِ جمس اسپتال کڻائي آيس بروقت رت نه ملڻ سبب ڌيءَ فوت ٿي وئي آهي، جڏهن ته لاش کڻائي وڃڻ لاءِ انتظاميا کان ايمبولنس جي گهر ڪئي ته انهن کتو جواب ڏئي ڇڏيو.
ان سلسلي ۾ اسپتال انتظاميا کان موقف وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر نمبر اٽينڊ نه ٿي سگهڻ سبب موقف معلوم نه ٿي سگهيو.
واضح رهي ته جمس اسپتال جو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر عبدالواحد ٽڳڙ جي مقرري جو مدو 40 ڏينهن اڳ پورو ٿي ويو پر هن محل تائين جمس اسپتال بنا ڊائريڪٽر جي هلڻ لڳو آهي.