ڄامشورو: سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ ستونجاهه بيچلر ڊگري پروگرامن ۾ داخلائن لاءِ مرحليوار انٽري ٽيسٽ شروع

news-details

ڄامشورو (رپورٽ: حيات ميراڻي) سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو ۾ تعليمي سال 2022ع لاءِ بيچلر ڊگري پروگرامز جي مختلف 57 شعبن ۾ داخلائن لاءِ پري انٽري ٽيسٽ منعقد ٿي، جنهن جي پهرئين مرحلي ۾ 2028 شاگردياڻين سميت مجموعي طور 5868 اميدوارن ٽيسٽ ۾ حصو ورتو. وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد صديق ڪلهوڙو پاران نامزد ڪيل سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ امتحاني عمل جو جائزو ورتو ۽ نگراني ڪئي. هن مختلف ڪميٽين پاران ڪيل انتظامن ۽ انتظامن تي اعتماد جو اظهار ڪيو.
ان موقعي تي سنڌ يونيورسٽيءَ جو رجسٽرار ڊاڪٽر غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو، سينڊيڪيٽ ميمبر پروفيسر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر ڊاڪٽر الطاف نظاماڻي ۽ ٻيا پي وي سي سان گڏ هئا.
انٽري ٽيسٽ صبح جو ساڍي ڏهين وڳي شروع ٿيڻي هئي، پر سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف لينگئيجز جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر زين العابدين سوڍر جي ڪراچيءَ ۾ ڦر دوران مزاحمت تي قتل ٿيڻ تي سندس ايصال ثواب لاءِ فاتحه پڙهي دعا گهري ويئي ۽ ٻن منٽن جي خاموشي اختيار ڪئي ويئي، جنهن بعد انٽري ٽيسٽ 10 لڳي 32 منٽن تي شروع ڪرائي ويئي، جيڪا 90 منٽ (ڏيڍ ڪلاڪ) جاري رهي. انٽري ٽيسٽ لاءِ 2028 شاگردياڻين لاءِ بايو ڪيمسٽري، بايو ٽيڪنالاجي، ماس ڪميونيڪيشن ۽ انسٽيٽيوٽ آف انگلش لينگئيج اينڊ لٽريچر ۾ الڳ امتحاني بلاڪ قائم ڪيا ويا، جڏهن ته 3440 شاگردن لاءِ آرٽس فئڪلٽي، ڪامرس ۽ آءِ بي اي شعبن ۾ امتحاني هال ٺاهڻ جو اهتمام ٿيل هو. انٽري ٽيسٽ جي پهرئين مرحلي جي پهرئين ڏينهن حيدرآباد، ڄامشورو، ڪراچي، مٽياري، شهيد بينظير آباد، ٽنڊو الهيار ۽ ٽنڊو محمد خان ضلعن جي اميدوارن حصو ورتو.
انٽري ٽيسٽ شروع ٿيڻ کان اڳ سنڌ يونيورسٽي ٺٽو ڪئمپس جي پرو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر رفيق احمد ميمڻ، رجسٽرار غلام محمد ڀٽو، ڊائريڪٽر ايڊميشنز ڊاڪٽر اياز ڪيريو، سينڊيڪيٽ ميمبر ڊاڪٽر عرفانه بيگم ملاح، پروفيسر سعيد احمد منگي ۽ ٻين سان گڏ انسٽيٽيوٽ آف آرٽ اينڊ ڊيزائين ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي انٽري ٽيسٽ بابت صحافين کي بريفنگ ڏني. هن چيو ته ٻن مرحلن ۾ انٽري ٽيسٽ منعقد ڪرائڻ جو مقصد اهو آهي ته ڪورونا وائرس کان محفوظ رهي سگهجي ۽ ڪئمپس تي ساڳئي وقت گهڻي رش نه ٿئي. هن چيو ته ڇنڇر واري ڏينهن پهرئين مرحلي ۾ 3840 شاگرد ۽ 2028 شاگردياڻيون ٽيسٽ ۾ حصو وٺي رهيا آهن، جن جو مجموعي انگ 5868 آهي. هن چيو ته حيدرآباد ضلعي مان 1748 شاگرد ۽ 1325 شاگردياڻيون مجموعي طور 3073، ڄامشورو ضلعي مان 581 شاگرد ۽ 263 شاگردياڻيون مجموعي طور 844، ڪراچيءَ جي ضلعن مان 47 شاگرد ۽ 10 شاگردياڻيون مجموعي طور 57، مٽياري ضلعي مان 467 شاگرد ۽ 133 شاگردياڻيون مجموعي طور 600، شهيد بينظير آباد مان 393 شاگرد ۽ 56 شاگردياڻيون مجموعي طور 449، ٽنڊي الهيار مان 434 شاگرد ۽ 187 شاگردياڻيون مجموعي طور 621 ۽ ٽنڊي محمد خان مان 170 شاگرد ۽ 54 شاگردياڻيون مجموعي طور 224 اميدوارن پهرئين مرحلي جي پهرئين ڏينهن انٽري ٽيسٽ ۾ شرڪت ڪئي. ٽيسٽ سروسز سينٽر جي ڊائريڪٽر ڊاڪٽر آفتاب چانڊيو موجب مرحليوار ٿيندڙ انٽري ٽيسٽ جا نتيجا ساڳئي ڏينهن جاري ڪيا ويندا.
ان موقعي تي ايڊميشن ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر اياز ڪيريو عوامي آواز ٽي وي سان ڳالهائيندي چيو ته سنڌ يونيورسٽي جي بيچلر پروگرامز ۾ 57 شعبن جي 9 هزار سيٽن لاءِ 25 هزارن کان وڌيڪ اميدوارن آن لائين اپلاءِ ڪئي آهي, جن کان مرحليوار ٽيسٽ وٺي رهيا آهيون, هن چيو ته جيڪي شاگرد رڪوائرمينٽ مڪمل نه هجڻ ڪري رهجي ويا آهن. انهن جي لاءِ اپلاءِ جي تاريخ ۾ پڻ واڌ ڪئي آهي, هن چيو ته اڳ جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري اميدوار جي اپلاءِ جو ريشو وڌيو آهي جن ۾ نياڻين جو ريشو پڻ وڌيو آهي, هن چيو ته اميدوارن جي سهولت لاءِ سندن جي ايڊمٽ ڪارڊ تي بلاڪن جا نالا پڻ ڏنا ويا ته جيئن کين سيٽ نمبر ڳولهڻ ۾ کين ڪابه تڪليف نه ٿئي.
ڊاڪٽر اياز ڪيريو جو وڌيڪ چوڻ هو ته ڪوشش آهي ته سنڌ جو ڪوبه شاگرد سنڌ يونيورسٽي ۾ داخلا کان نه رهجي.
جڏهن ته پري انٽري ٽيسٽ لاءِ آيل اميدوارن لاءِ آئيسوليٽ روم، ميڊيڪل ڪئمپ ۽ پيئڻ جي پاڻي جو بندوبست ڪيو ويو، جڏهن ته اميدوارن سان گڏ آيل سندن والدين لاءِ ويٽنگ ايريا ۽ ڪار پارڪنگ ايريا جو پڻ بندوبست ڪيو ويو.
هوڏانهن پي آر او نادر علي مغيري پاري جاري ڪيل پريس رليز موجب پهرئين مرحلي جي ٻئي ڏينهن اڄ آچر تي به انٽري ٽيسٽ منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ 4714 شاگرد ۽ 1292 شاگردياڻيون مجموعي طور 6006 اميدوار شرڪت ڪندا. ڊائريڪٽر ايڊميشنز موجب بدين ضلعي مان 697 شاگرد ۽ 234 شاگردياڻيون مجموعي طور 931، دادو ضلعي مان 1312 شاگرد ۽ 361 شاگردياڻيون مجموعي طور 1673، ميرپورخاص ضلعي مان 649 شاگرد ۽ 222 شاگردياڻيون مجموعي طور 924، سجاول ضلعي مان 102 شاگرد ۽ 23 شاگردياڻيون مجموعي طور 125، ٿرپارڪر ضلعي مان 530 شاگرد ۽ 33 شاگردياڻيون مجموعي طور 563، ٺٽي ضلعي مان 150 شاگرد ۽ 38 شاگردياڻيون مجموعي طور 188 ۽ عمرڪوٽ ضلعي مان 572 شاگرد ۽ 78 شاگردياڻيون مجموعي طور 650 اميدوار شرڪت ڪندا.