نسلا ٽاور جي سمورن مالڪن ۽ ڪرائيدارن فليٽس خالي ڪري ڇڏيا

news-details

ڪراچي: (آچر 31 آڪٽوبر 2021ع) نسلا ٽاور جي سمورن 44 مالڪن ۽ ڪرائيدارن فليٽس خالي ڪري ڇڏيا آهن. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ پاران ڪراچي ۾ قائم نسلا ٽاور کي هڪ هفتي ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو آهي ۽ 15 ماڙ رهائشي عمارت نسلا ٽاور خالي ڪرڻ جي مهلت اڄ ختم ٿي ويندي. اڄ ڪنهن به وقت عمارت کي سرڪاري تحويل ۾ ورتو ويندو.
ان حوالي سان ذريعن ٻڌايو آهي ته نسلا ٽاور جي سمورن 44 مالڪن ۽ ڪرائيدارن فليٽس خالي ڪري ڇڏيا آهن ۽ ڪجهه فليٽن ۾ رهندڙ سامان جي منتقلي جاري آهي پر اڃان تائين رهواسين کي فليٽس جي رقم واپس ناهي ٿي سگهي.
ٻئي طرف ڪراچي جي ڊپٽي ڪمشنر چيو آهي ته 28 آڪٽوبر کان نسلا ٽاور جو قبضو اسان وٽ آهي. جڏهن ته عمارت کي ڌماڪي سان ڪيرائڻ لاءِ اشتهار به ڏئي ڇڏيو آهي.
ذريعن موجب جيڪڏهن نسلا ٽاور کي ڪيرائڻ جي لاءِ ڪابه ڪمپني نه ملي ته عام طريقي سان عمارت جي ڀڃ ڊاهه شروع ڪئي ويندي.