پاڪستان طرفان امدادي سامان جي هڪ ٻئي کهيپ افغان اختيارين حوالي

news-details

اسلام آباد: (سومر 01 نومبر 2021ع) پاڪستان جنگ سٽيل ملڪ افغانستان کي انساني بحران کان بچائڻ جي ڪوششن کي نظر ۾ رکندي امدادي سامان سان ڀريل وڌيڪ 3 ٽرڪ افغان اختيارين جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن.
پاڪ افغان فورم طرفان امدادي کهيپ افغانستان رواني ڪئي وئي آهي. پاڪ افغان ڪارپوريشن فورم ۽ سيودي چلڊرن طرفان 28 ٽن امداد سان ڀريل ٽرڪ طورخم بارڊر کان افغانستان روانا ڪيا ويا. ايڊيشنل ڪمشنر لنڊي ڪوتل اشرف الدين طورخم ڪراسنگ تي امدادي سامان افغان اختيارين حوالي ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان جي سفير منصور احمد خان نگران افغان پرڏيهي وزير امير خان متقي سان ملاقات ڪئي هئي جنهن ۾ انساني همدردي جي شعبي، واپار ۽ ماڻهن جي چرپر سميت ٻطرفن رابطن کي مضبوط بنائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون هيون.