سنڌ هاءِ ڪورٽ نسلا ٽاور ۽ تجوري هائٽس کان پوءِ مڪه ٽيرس ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

news-details

ڪراچي: (سومر 01 نومبر 2021ع) سنڌ هاءِ ڪورٽ پورشن مڪه ٽيرس کي هڪ مهيني ۾ ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ رپورٽ به طلب ڪري ورتي آهي. رپورٽ موجب سپريم ڪورٽ نسلا ٽاور ۽ تجوري هائٽس کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏنو هو ۽ هاڻ سنڌ هاءِ ڪورٽ پورشنز مڪه ٽيرس کي ڪيرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.
عدالت 4 ماڙ پورشن مڪه ٽيرس جي خلاف هڪ مهيني ۾ ڪارروائي ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. جسٽس ظفر احمد راجپوت ۽ جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم تي ٻڌل بينچ جي آڏو پريڊي اسٽريٽ تي واقع مڪه ٽيرس جي خلاف ڪارروائي بابت درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ جي وڪيل موقف ڏنو ته 500 مربع گز تي 4 ماڙ عمارت بيهاري وئي هئي. کليل جڳهه کي به عمارت م شامل ڪيو ويو.
جسٽس ظفر احمد راجپوت ڊي جي سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي اداري جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي. فيصلو ڏيون ٿا پر ان تي عمل به نٿو ٿئي. بيشڪ ايس بي سي اي کاتو سمورو خالي ٿي وڃي. هاڻ ڪارروائي ٿيندي. اها بلڊنگز ڪيئن ٺهي رهي آهي؟ جڏهن بلڊنگز ٺهندي آهي ته اوهان جا آفيسر ستل هوندا آهن ڇا؟ ٻڌايو، ذميوار آفيسرن جي خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟
جسٽس ظفر احمد راجپوت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ريمارڪس ڏنا ته اوهان جي آفيسرن خلاف نيب جي ڪارروائي تائين وڃي سگهون ٿا. اوهان جي آفيسرن جا اثاثا به چيڪ ڪرائينداسين. اوهان نمائشي ڪارروائي ڪري رپورٽ جمع ڪرائيندا آهيو. ٻڌايو لاڳاپيل ذميوار آفيسر سيٽ تي آهن يا کين هٽايو ويو؟ عدالت پڇاڻو ڪيو ته ٽيرس جي بلڊر خلاف ڪهڙي ڪارروائي ڪئي؟ ڊي جي ٻڌايو ته بلڊر خلاف ڪارروائي اڄ ڪنداسين.
جسٽس ظفر احمد راجپوٽ ڪاوڙ جو اطهار ڪندي چيو ته پهرين ڇا اوهان ستل هو؟ اوهان هتي ان لاءِ بيٺل آهيو جو اوهان جا آفيسر عمل نه پيا ڪن صرف غير قانوني جڳهه ڀڳي وئي. ايس بي سي اي اختيارين چيو ته عمارت جا پلرز گڏ آهن. سموري عمارت متاثر ٿيندي. عدالت ڊي جي ايس بي سي اي کي حڪم ڏنو ته جيڪي غيرقانوني آهن سڀ ڀڃو. ۽ هڪ مهيني ۾ رپورٽ پيش ڪريو. آفيسر زنده آهن يا مئل، حاضر سروس آهن يا رٽائرڊ سڀني جا نالا ٻڌايو. جيڪا به بلڊنگ غيرقانوني هوندي سڀني کي ڪيرائڻو پوندو.
جسٽس محمد فيصل ڪمال عالم ريمارڪس ڏنا ته هاڻ هر ڪيس ۾ اهڙو ئي فيصلو هوندو. عدالت پريڊي اسٽريٽ تي واقع مڪه ٽيرس جي خلاف ڪارروائي هڪ مهيني ۾ مڪمل ڪرڻ جو حڪم ڏيندي ريمارڪس ڏنا ته ذميوار آفيسرن کي جاچ مڪمل ٿيڻ تائين ڪوبه عهدو نه ڏنو وڃي. ڊي جي ايس بي سي اي کي عدالت هڪ هفتي ۾ هر آفيسر جي خلاف ڪارروائي يقيني بنائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. جڏهن ته جنهن جنهن بلڊنگ ٺاهڻ جي اجازت ڏني سمورن آفيسرن جا نالا به طلب ڪري ورتا ۽ ذميوار آفيسرن خلاف جاچ رپورٽ هڪ هفتي ۾ طلب ڪري ورتي.