اوگرا ايل پي جي قيمتن ۾ تيرنهن روپيه ويهه پئسا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي

news-details

اسلام آباد: (سومر 01 نومبر 2021ع) اوگرا ايل پي جي في ڪلو قيمت ۾ 13 روپيه 20 پئسا في ڪلو واڌ ڪري ڇڏي. رپورٽ موجب اوگرا نومبر جي لاءِ ايل پي جي قيمتن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي ۽ ان حوالي سان نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو آهي جنهن جي تحت ايل پي جي قيمت ۾ 13 روپيه 20 پئسا في ڪلو گرام واڌ ڪئي وئي آهي.
جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب ايل پي جي هڪ ڪلو گرام جي نئين قيمت 216 روپيه 89 پئسا مقرر ڪئي وئي آهي. ايل پي جي جو 11.8 ڪلو جو گهريلو سلينڊر 155 روپيه 80 مهانگو ڪيو ويو آهي جنهن کان پوءِ گهريلو سلنڊر جي نئين قيمت 2559 روپيه 35 پئسا ٿي وئي.
جڏهن ته آڪٽوبر ۾ ايل پي جي جو گهريلو سلنڊر 2403 روپيه 55 پئسن جو هو. ايل پي جي جون نيون قيمتون پهرين نومبر 2021 کان لاڳو هونديون.