لاهور هاءِ ڪورٽ پرڏيهي ماڊل ٽريزا کي منشيات اسمگلنگ ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو

news-details

لاهور: (سومر 01 نومبر 2021ع) لاهور هاءِ ڪورٽ منشيات ڪيس ۾ 8 سال قيد جي سزا ماڻيندڙ ٽريزا کي بري ڪري ڇڏيو آهي. هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ منشيات ڪيس ۾ ماڊل ٽريزا جي قيد واري سزا خلاف اپيل جي ٻڌڻي ڪئي.
عدالت تفصيلي دليل ٻڌڻ کان پوءِ فيصلو ٻڌائيندي ٽريزا جي سزا خلاف اپيل منظور ڪري ورتي. ٽرائل ڪورٽ ماڊل ٽريزا کي منشيات ڪيس ۾ قيد جي سزا ٻڌائي هئي جنهن کي ٽريزا لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج ڪيو هو.
يورپي ملڪ چيڪ ري پبلڪ سان تعلق رکندڙ ماڊل ٽريزا کي 10 جنوري 2018 تي ساڍا 8 ڪلو هيروئن ملڪ اسمگل ڪرڻ جي ڪوشش دوران لاهور ايئرپورٽ کان متحده عرب امارات ويندي گرفتار ڪيو ويو هو.